اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر مرحوم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وز??راعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي والده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي والده وز??راعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شريف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ڪئي. وز??راعظم خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ارشد شريف جي والده وز??راعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وز??راعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي هد??يت ??ري ڇڏي آهي. وز??راعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي هد??يت ??ئي. وز??راعظم چيو ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور ت?? نگراني ڪرڻ جي هد??يت ??ئي آهي. وز??راعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياريو ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.