اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو ??ظه??ر ڪندي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت جي ابتدائي خبر ملي. بي??ن موجب هاءِ ڪمشنر ان جي موجب پوليس عملدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻي?? کاتن جي سينيئر عملدارن سان رابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي نائب صدر جي آفيس سان به رابطو ڪيو ويو. بي??ن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بي??ن موجب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاران انهن سان دلي تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي پرڏيهي وزارت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي. بي??ن موجب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي جو انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبان عملدارن سان گڏجي ارشد شريف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.