شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرندڙ ۽ ڪمزور ملڪن جي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار ??حت موسمياتي فنانس جي نئين، اضافي ۽ پائيدار وسي??ن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تباهي جي فرنٽ لائينز تي موجود ماڻهن جي حقيقي بحالي جي ضرورت?? کي برقرار ??کڻ جي لاءِ موجوده مالياتي فرق تمام وڌيڪ آهي، گڏيل قومن جي نظام تحت هڪ عالمي موسمياتي رسڪ انڊيڪس ٺاهڻ گهرجي، اهو هاڻي يا ڪڏهن نه وارو معاملو آهي، پيرس معاهدي ۾ بيان ڪيل طريقيڪار کان به وڌيڪ ذميوارين جو احترام ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن يو اين ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس ڪوپ – 27 جي سربراهه اجلاس کي خطاب ۾ قومي موقف پيش ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي مصر جي صدر عبدالفتح السيسي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪوپ – 27 واحد پليٽ فارم آهي جتي انساني نسل جي بقاءَ کي هڪ مقصد جي طور تي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. هي هڪ اهڙو فورم به آهي جتي ڪمزور ملڪ پنهنجو معاملو امير ۽ وسيلا رکندڙ ملڪن آڏو پيش ڪري سگهن ٿا ته جيئن انصاف جو گڏيل مقصد حاصل ٿئي ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ ضروري پاليسين جي بحالي جي لاءِ هڪ روڊ ميپ اختيار ڪري سگهجي جيڪو اسان جي صلاحيت کان وڌيڪ تيزي سان بحالي ۾ مدد ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار ??امل آهن. ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، اسان پگهرجندڙ گليشيئرز سان ٿيندڙ تباهي کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ره??ا آهيون. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي اتر ۾ 8 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستا تباهه ٿيا، 3 هزار ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهتو ۽ سوين پليون تباهه ٿيون ۽ بيٺل فصل کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته اسان آهستي آهستي ماڻه?? کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهيون. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ جي ڪري ملڪ ۾ 30 ارب آمريڪي ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته اسان جي ملڪ جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان جي لاءِ ترجيحون ڪڏهن به واضح نه رهيون. هن چيو ته فنانسنگ ۽ ٽائيم لائين ٻنهي لحاظ کان موافقت جي عالمي هدف کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان اڃا تائين موافقت ۽ ماليات جي حوالي سان واعدن ۾ توازن نه ڏٺو، موسمياتي تباهي جي فرنٽ لائينز تي موجود ماڻهن جي حقيقي بحالي جي ضرورت?? کي برقرار ??کڻ جي لاءِ موجوده مالياتي فرق تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته نقصان?? کي پورو ڪرڻ جو معاملو ڪوپ – 27 جي بنيادي ايجنڊا جو حصو بڻائڻو پوندو ته جيئن انهن ماڻهن جي انساني ضرورت?? کي پورو ڪري سگهجي جيڪي قرضن جي ڪري عوامي مالي امداد جي بحران ۾ ڦاٿل آهن ۽ پوءِ به انه?? کي پنهنجي طور تي موسمياتي آفتن جي لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻا پئجي ره??ا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪلائميٽ فنانس کي واضح طور تي نئين، اضافي ۽ پائيدار وسي??ن جي طور تي هڪ شفاف طريقيڪار ??ان بيان ڪرڻ گهرجي جيڪو اسرندڙ ۽ ڪمزور ملڪن جي ضرورت?? کي ان رفتار ۽ پئماني سان پورو ڪري ٿو جنهن جي ضرورت آهي. هاڻي ان ڳالهه تي به مڪمل وضاحت ٿيڻ گهرجي ته موسمياتي منتقلي ۽ ترقياتي ماليات جو ڪيترو حصو آهي. هن چيو ته 2009ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ڪوپ – 15 ۾ 2020ع تائين ساليانو 100 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا پر اهي اڃا تائين پورا ناهن ٿيا. گڏيل قومن جي نظام تحت يو اين ايف سي سي سي جي سمورين ڌرين جو هڪ عالمي موسمياتي رسڪ انڊيڪس ٺاهڻ گهرجي. ان انڊيڪس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ملڪن جي منصوب?? کي ڪلائميٽ فنانس جي لاءِ ترجيح ۽ تيزي سان منظوري ملڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان بار ??ي واضح ورڇ جي فارمولي جي بحالي جي ضرورت آهي. پيرس معاهدي ۾ بيان ڪيل طريقيڪار کان به وڌيڪ ذميوارين جي واعدي جو احترام ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي اين ڊي سيز ۾ 2030ع جي لاءِ خواهشون ڪيترن ئي ملڪن کان اڳ ۾ ئي وڌيڪ آهن پر اسان پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهيون. هن چيو ته جيستائين صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي وهڪري ۾ تبديلي نه ٿي اچي، اتر ۽ ڏکڻ ج?? وچ ۾ معاملا طئي نه ٿيندا. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران اسان ڪڻڪ، پام آئل، تيل ۽ گئس برآمد ڪيو. اسان پنهنجي وسي??ن جو رخ لکين ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ موڙي ڇڏيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي لکين خاندان?? کي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿي چڪي آهي، اسا?? کي ٻوڏ متاثري?? کي شيلٽرز، ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ۽ خوراڪ فراهم ڪرڻي آهي ان جي لاءِ اسان اربين رپيا خرچ ڪري ره??ا آهيون. هن چيو ته عالمي برادري پاران مشڪل وقت ۾ امداد تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته دنيا کي اسان جي مشڪلات?? کي سمجهڻ گهرجي. ٻيا ملڪ به اهڙي موسمياتي يا انسان ساخته قدرتي آفتن جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اسا?? کي پنهنجي انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ قرضن بدران اضافي فنڊز جي ضرورت آهي. هن چيو ته کيس يقين آهي ته هن ڪوپ جي انعقاد سان ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل بنياد ملندو. اهو هاڻي يا ڪڏهن نه جو معاملو آهي ۽ اسان جي لاءِ واقعي ڪا ٻي زمين نه آهي.