اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪ??يٽي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد ??رزا ۽ نامزد چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير جدا ج??ا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد ??رزا ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي مبارڪباد ڏني ۽ سندن نئين ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته توهان جي سربراهي ۾ هٿياربند فوج قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي بهتر انداز ۾ منهن ڏيندي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.