اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي گرين لائين ايڪسپريس ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي ٽرين ۾ سفري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ناڻي وارو وف??قي وزير اسحاق ڊار، ريلوي وارو وف??قي وزير خواجه س??د رفيق، منصوبابندي وارو وف??قي وزير احسن اقبال وزيراعظم سان گڏ هئا. ريلوي واري وف??قي وزير خواجه س??د رفيق وزيراعظم کي ٽرين بابت بريفنگ ڏني. جديد سهولتن سان ليس گرين لائين ايڪسپريس ٽرين اسلام آبا?? کان ڪراچي رستي پاڪستان ريلويز مين لائين – ان پيسينجر سروس مهيا ڪندي. اها ٽرين راولپنڊي، چڪلالا، لاهور، خانيوال، بهاولپور، روهڙي، ح??درآباد ۽ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي.