اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 فيبروري تي ??شم??ر سان يڪ??هتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ??شم??ر سان يڪ??هتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪ??هتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ??شم??ري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ??شم??ري عو??م گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي خودمختياري واري حق جو استعمال ڪن. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.