اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مف?? اٽو فراهم ڪيو و??ندو، و??يراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، و??يراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مف?? اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ پروگرام حتمي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسلام آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي مف?? اٽو ورهايو و??ندو. اجلاس کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جي لاءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مف?? اٽي جي فراهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مف?? اٽو فراهم ڪيو و??ندو. وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مف?? اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪ??و وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پروگرام تيار ڪيو و??و آهي، پروگرام تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي سستي پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.