اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگرد لڪي عدالت ايندا آهن، وقت پري نه آهي منهن لڪائي اچڻو پوندو، پوليس جو مٿو ڦاڙڻ، پيٽرول بم اڇلائڻ، جوڊيشل ڪمپليڪس تي هٿياربند جٿن جو حملو ٿيڻ کانپوءِ تنهنجي زال ڊڄي وئي؟ مريم نواز جي نيب سيل ۾ ڪئميرا لڳائي پنهنجي موبائيل تي ڏسندو هئين، ان وقت شرم ۽ حياءَ هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز جي بيرڪن ۾ رات جو گهڙي آرڊر ڏين??ي شرم آيو هو؟ شهباز شريف جي ڌيءَ جي گهر تي نيب کي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏين??ي شرم آيو؟ فريال ٽالپر کي عيد تي اسپتال ۾ گهلي آڻيندي ۽ مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ مون تي حملو ڪر??ئين??ي شرم آيو؟ پنڪي باجي کي هيري جون منڊيون وٺن??ي ڊپ ٿيو ۽ رڙيون نڪتيون هيون؟