اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي گوادر جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ??رڻ جي لاءِ ايران کان گوادر تائين 100 ميگاواٽ ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو منصوبو 2009ع کا?? التوا هيٺ هو. اهو منصوبو وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ ترقي، واپار، ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو.