اسلام آباد -22 مئي (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي آهي، جنهن ۾ 9 مئي تي ??يش آيل واقعن جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج تي ??ڪمل اعتماد، يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ويو آهي. ق??مي اسيمبلي ۾ بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان 9 مئي 2023ع تي ??لڪ جي ڪجهه حصن ۾ پيش آيل دل ڏکوئيندڙ، نڪ جي پڪائي ۽ شرمناڪ ۽ جن واقعن اسان جي ق??مي تشخص کي داغدار ڪيو، انهن جي شديد مذمت ڪري ٿو. جڏهن ته هي ايوان پاڪستان جي هٿياربند فوج تي ??نه??جي مڪمل اعتماد ۽ يڪجهتي ۽ حمايت جو عزم ورجائي ٿو. 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور شمار ڪيو ويندو. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته سمورن وڳوڙين، منصوبا سازن ۽ سهولتڪارن سميت جيڪي ماڻهو سڌ?? ريت يا اڻ سڌ?? ريت باهيون ڏيڻ، فوجي ملڪيتن سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ ??جي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف موجوده قانون دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ سميت 1997، ايڪٽ 1952 جي ايڪٽ ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 تحت ڪيس قائم ڪيا وڃن. هي ايوان هدايت ڪري ٿو ته سمورن لاڳاپيل عملدارن، سوشل ميڊيا جي قائدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪن ته جيئن ملڪ جي ادارن خلاف پاڪستان اندر توڙي ٻاهر کان ڪيترن ئي رانديگرن جي سرپرستي ۽ سهولت تحت پروپئگنڊه کي منهن ڏئي سگهجي ته جيئن پروپئگنڊه مهم ۾ ملوث ماڻهن سان گڏوگڏ قانون مطابق سختي سان منهن ڏئي سگهجي. قرارداد م چيو ويو آهي، ته اسان موجوده جيو اسٽريٽجڪ صورتحال جي روشني ۾ ق??مي اتحاد، هم آهنگي ۽ سالميت لاءِ پنه??جي عزم جو اظهار ڪيون ٿا ۽ ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙن سمورن رياست مخالف ڌرين کي رد ڪيون ٿا، سمورن سياسي مسئلن جو حل هميشھ پارلياماني ۽ جمهوري اصولن جي دائري ۾ رهڻ گهرجي. رياستي ادارن، سرڪاري ۽ ??جي ملڪيتن خلاف تشدد جو سهارو وٺڻ بلڪل ناقابل قبول آهي. ق??مي اسيمبلي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.