اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان ۽ وفاقي وزير اسعد محمود گذريل ڏينهن سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي تي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ?? پاڪستان حڪومت پاران شديد ردعمل ۽ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته سوئيڊن جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ?? پاڪستان حڪومت جو ان واقعي جي حوالي سان بيانيو ساراهه جوڳو آهي. هن وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ ا??حا??ي حڪومت جي ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ا??حا??ي پارٽين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ ا??حا??ين جي ??عا??ن سان ممڪن ٿيو آهي.