اسل??م آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي ??جلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي ??جلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ اهو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي ??ربراهن جي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جي ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي ??جلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور تي ??ااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت جي لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي ??ڏهن دولت مشترڪه ۽ پاڪستان حڪومت 2023ع کي ”نوجوانن جو سال“ طور ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمنٽ ۽ ماحول??ات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن تي ??يندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ند??.