نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته حڪومت تيزي سان معاشي بحالي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي پرڏيهي جي ذخيرن ۽ پنهنجي ڪرنسي کي مستحڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چي?? ته حڪومت ملڪي آمدني کي وڌائيندي ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻيندي، ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي جن??ن تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت 28 شعبن ج?? نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان منصوبا شروع ڪيا ويندا. نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ڊگهي مدي واري جاگرافيائي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ريلوي، بنيادي ڍانچي ۽ مينوفيڪچرنگ جي منصوبن ۾ چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چي?? ته پاڪستان وچ ايشيا سان ڪنيڪٽيويٽي منصوبو جلد شرو?? ڪرڻ جو خواهشمند آهي.