نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ع??لدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چ??و ته انهن قراردادن تي ع??لدرآمد نه ٿيڻ سان خطي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ع??ائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چ??و ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪ??و ته قراردادن کي 70 سال اڳ ??نظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي ع??لدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته ڪشمير گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ ۾ 7 لک کا?? وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آهن. ڪشمير کي انساني جيل قرار ڏيندي هن چ??و ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ ڀارت ان تڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي قراردادن تي ع??لدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار آهن. اهو پڇڻ تي ته ڇا ڪشمير جي آزمائش جي فلسطين سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، هن چ??و ته ٻنهي کي انصاف کان انڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي فلسطين بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فلسطين جي ع??ام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فلسطين بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳالهه ڪندي هن چ??و ته اهو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ کا?? وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چ??و ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا.