اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي اسرائيل پاران سنگين جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائ??ل هڪ اسپتال تي حملو ڪري سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي مذمت ڪئي. صدر جو اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ معصوم جا??ين جي نقصان تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته اسرائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، ??المي برادري اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن تي جوابده بڻائي ۽ اسرائيلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي ??ور?? طور تي روڪڻ جي لاءِ ??ور?? طور تي قدم کڻي.