اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهر?? بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازبڪستان جي گادي و??ري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمب??ري روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ج??ري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشميرين کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين تي ظلم ج??ري آهن. هن چيو ته ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهر?? بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ ج??ري ڪري ڇڏي هئي.