مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 76 هون يوم تاسيس سڄي رياست ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي سڄي رياست ۾ تقريبون منعقد ڪري ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن، شهداءِ پاڪستان، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهداءِ پوليس کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جي تجديد ڪئي وئي ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ان جي منزل حاصل ڪرڻ يعني الحاق پاڪستان تائين جدوجهد جاري رهندي. 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات مظفر آباد مان 21 توپن جي سلامي سان ٿي، پاڪ فوج يوم تاسيس جي موقعي تي توپن جي سلامي ڏني. 76 هين يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب گادي واري شهر مظفرآباد پريڊ گرائونڊ ۾ منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان محمو?? چوڌري هو. مرڪزي تقريب ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چو??ري انوارالحق، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانو??سا?? اسيمبلي جي اسپيڪر چو??ري لطيف اڪبر، حڪومتي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، حڪومتي سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس، پاڪ فوج جي آفيسرن سميت ??ول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير پوليس، ريسڪيو 1122، ڪمانڊوز، گرلز گائيڊ، بوائز اسڪائوٽس، ٽورسٽ پوليس جي دستن سلامي ڏني ۽ مارچ پاسٽ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمو?? چوڌري، وزيراعظم چو??ري انوارالحق پرچم ڪشائي پڻ ڪئي. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمو?? چوڌري پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان محمو?? چوڌري ۽ وزيراعظم چو??ري انوارالحق ڪاڪڙ يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.