اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ر??ان??ا گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ر??ان??ا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فر??نڪوئس زيويئر جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ر??ان??ا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ر??ان??ا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان حقيقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ر??ان??ا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي واپار کي پنهنجي حقيقي صلاحيت موجب وڌائڻ چاهي ٿو. هن وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان جنوري 2024ع ۾ قاهره ۾ چوٿين پاڪ آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائڊ منعقد ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ر??ان??ا جا واپاري به ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار جون نيون راهون ڳولي سگهجن. صدر معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ وڌيڪ تباهي ۽ رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا. ر??ان??ا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فر??نڪوئس زيويئر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ر??ان??ا پاڪستان کي هڪ عظيم حصيدار سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر ڪالندا فر??نڪوئس زيويئر صدر کي ٻڌايو ته ر??ان??ا اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ تي غور ڪري رهيو آهي.