جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي ??ي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي ??ڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام خلاف روزانو جي بنياد تي ??سرائيلي نسل ڪشي عالمي قانون، معاهدن ۽ قراردادن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ اسرائيل جي نسل پر??تاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته او آءِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل پر??تاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ۾ عالمي برادري سان فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪرڻ ۽ رو??ڻ لاءِ مو??ر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.