اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 6 نومبر تي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي ڪشميرين ڄمون ۾ نومبر 1947ع ۾ ٿيندڙ قتل عام جي متاثري?? کي ياد ڪيو. 76 سال اڳ هري سنگهه جي ڊوگره فوج جنه?? کي هندو انتهاپسند راشٽريا سويم سيونگ سنگهه (آر ايس ايس) جي حمايت حاصل ڪئي. منصوبابندي ۽ منظم طريقي سان اٽڪل 2 لک 37 هزار مسلمان?? کي قتل ڪيو ويو. ترجمان ان قتل عام جي متاثري?? کي ياد ڪندي انه?? کي شا??دا?? لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن گڏيل فوتگين جي مارجڻ جي احتساب جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري کي اهڙي قسم جي ڏوهن ??ي ٻيهر اجازت نه ڏيڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي پنهنجي عالمي ذميواري?? کي پورو ڪندي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ گهرجي، ج?? کي خودمختياري جو مڃيل حق حاصل آهي.