اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪ??مي?? هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ڄمون ۽ ڪ??مي?? جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪ??مي??ي عوام جي امنگن موجب ڪرڻو آهي، ڀارت کي ڪ??مي??ي عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني پرڏ??هي آفيس ۾ منعقد پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪ??مي?? عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. هن چيو ته ڀارت کي ڪ??مي??ي عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت تي هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو ڪو حق حاصل نه آهي ۽ اهو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪ??مي?? تي ڀارتي آئين جي بالادستي کي تسليم نٿو ڪري. هن چيو ته ڀارتي آئين جي تابع ڪو به عمل قانوني اهميت نه ٿو رکي. نگران پرڏ??هي وزير چيو ته ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? کي پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻ جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جي عدالتي توثيق انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي جنهن جو بنياد مسخ ٿيل تاريخي ۽ قانوني دليلن تي ٻڌل آهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو ته اهو فيصلو ڪ??مي??ي عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، ??يڪو اڳ ۾ ئي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رياست جي بحالي، ??ياستي اسيمبلي جي چونڊن جو انعقاد يا اهڙي طرح جا قدم ڪ??مي??ي عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿا ٿي سگهن. نگران پرڏ??هي وزير چيو ته اهو فيصلو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، ??يڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن خاص طور تي 1957ع جي قرارداد نمبر 122 جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي ڇو ته ان جو حتمي مقصد ڪ??مي??ين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. نگران پرڏ??هي وزير چيو ته امن ۽ ڳالهه ٻولهه جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ان قدم کي ختم ڪرڻو پوندو. نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي عوام کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، ??فارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.