اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسرت عالم بٽ جي ??يادت ۾ مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنج سالن جي ??اءِ پابندي هڻڻ جي ڀارتي عملدارن جي ??يصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ڀارت پاران عالمي اصولن جي توهين آهي. ممتاز زهره بلوچ علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جي ??ذمت ڪندي چيو ته ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين ۽ ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون لڳائي رکيون آهن. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا ايندڙ سال ڀارت سان لاڳاپن جي بحالي جا ڪي امڪان آهن، ترجمان چيو ته ڀارت کي ڳالهه ??ول??ه جي ??اءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته هن واضح ڪيو ته ڀارت سان ڳالهه ??ول??ه رڳو برابري، احترام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ترجيحي مسئلي طور تي بحث هيٺ آڻڻ جي بنياد تي ٿي سگهي ٿي. نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ??لڪن سان لاڳاپن بابت هن چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي جلد هڪ آزاد واپاري معاهدو ڪندا جيڪو جي سي سي پاران ڪنهن به ملڪ سان اهڙي قسم جو پهريون معاهدو هوندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڳالهه ??ول??ه ٿ?? رهي آهي، جلد معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڀارت پاڪستان کان لشڪر طيبه ج?? باني حافظ سعيد کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته اها قياص آرائين تي ٻڌل رپورٽنگ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ۾ ڪجهه غيرملڪي مشنز پاران بلوچ مظاهرين جي حوالي سان تبصرن کي مداخلت قرار ڏنو ۽ ان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ پنهنجي اندروني معاملن کي سنڀالڻ جي ??وري صلاحيت رکي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اهڙن معاملن کي اندروني طور تي منهن ڏيڻ جي ??اءِ قانون موجود آهن. ترجمان جو اهو بيان ناروي جي سفارتخاني ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير جي تازي ٽوئيٽس تي هڪ سوال جي جواب ۾ آيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين سان مبينا اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ غيرملڪي سفارتخانن جي ??داخلت افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي حقن جي تحفظ جي ??اءِ پرعزم آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪ جون عدالتون خودمختيار آهن ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ان حوالي سان فيصلا ڪري چڪيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاميابين ۽ سفارتڪاري جي شعبي ۾ پرڏيهي وزارت پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن جو ساليانو جائزو پڻ پيش ڪيو.