اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرت??يٰ سولنگي چيو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ڪوريج ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 14 ملڪن مان ميڊيا جا نمائندا ۽ مبصر پاڪستان پهچندا، 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن، 32 درخ??اس??ن تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۾ موجود غيرملڪي ميڊيا هائوسز جي نمائندن جي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخ??اس??ون ملي چڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت پاران غيرملڪي مبصرن ۽ صحافين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيُون وينديُون. اها ڳالهه هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر طارق محمود ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ به موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ موجود آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جون درخ??اس??ون ڏيڻ جي آخري تاريخ 20 جنوري مقرر ڪئي وئي هئي پر ان تاريخ کانپوءِ به غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جون درخ??اس??ون ملي رهيون آهن. هن چيو ته هيستائين غيرملڪي صحافين کي 49 ويزا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 32 درخ??اس??ن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي مان به اٽڪل 24 درخ??اس??ون مليون آهن جيڪي عمل جي مرحلي ۾ آهن، مجموعي طور تي ميڊيا جي مختلف ادارن پاران 174 درخ??اس??ون مليون آهن، ان کانسواءِ غيرصحافي ڪيٽيگري مان رڳو برطانيا مان غيرملڪي مبصرن جي 25 درخ??اس??ن تي ڪم جاري آهي. اهڙي طرح رشين فيڊريشن پاران 8، جاپان مان 13 درخ??اس??ون غور هيٺ آهن. جڏهن ته ڪئناڊا مان پارليامينٽ جي 5 ميمبرن درخ??اس??ون ڏنيون آهن، ڏکڻ آفريقا مان ٻن مبصرن ۽ ڪامن ويلٿ مان 5 درخ??اس??ون مليون آهن، جن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ 6065 صحافين کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ ڏنا ويا آهن جن ۾ لاهور مان 1200، ڪراچي مان 1470، پشاور مان 1050، ڪوئيٽا مان 600، حيدرآباد مان 355، فيصل آباد مان 255 ۽ ملتان مان 290 صحافي شامل آهن. هن چيو ته عالمي صحافين ۽ مبصرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي لاءِ اجازتناما ورتا آهن. انهن ٽن وڏن شهرن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو غيرملڪي صحافي ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ چاهي ته ان جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته 20 جنوري جي تاريخ گذري وڃڻ جي باوجود اڃا به اليڪشن ڪميشن ۽ اطلاعات واري وزارت جا لاڳاپيل ادارا ان??ن درخ??اس??ن تي غور ڪري رهيا آهن. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪري، غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ 14 ملڪن مان 81 درخ??اس??ون مليون، جن مان 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ب??قي درخ??اس??ن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته 174 صحافين اڳ ۾ ئي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊن جي لاءِ درخ??اس??ون ڏئي رکيون هيون جيڪي پاڪستان ۾ موجود فارن ميڊيا هائوسز جي لاءِ پاڪستان ۾ ويهي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق جاري ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ موجود صحافين ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ صحافين سان اهو ضابطه اخلاق شيئر به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته غيرملڪي صحافي جڏهن پاڪستان ايندا ته انهن کي اي سي پي کان ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ وٺي ڏنا ويندا. هن چيو ته غيرملڪي مبصرن جو انگ 55 آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ پي آءِ ڊي ۾ اليڪشن سيل قائم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ به اليڪشن سيل 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو، جيڪو صحافين کي سهولتون فراهم ڪندو.