اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر چو??ڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چو??ڊيل ميمبرن آصف علي زرداري تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف علي زرداري پاڪستان جي صدر طور پنهنجون آئيني ذميواريون ب??تر??ن طريقي سان سرانجام ڏيندو. آصف علي زرداري جو پاڪستان جي صدر طور چو??ڊجڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.