اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ا??ند?? حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ا??ند?? سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ا??ند?? حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته ا??ي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪو به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي ا??ار??، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.