اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گڏيل عربامارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم چين جي صدر ??ي جن پنگ جي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي مبارڪباد جي پيغام جو جواب ڏيندي چيو ته هو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ب??ائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي طور اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جا پڻ ثورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سي پيڪ مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ چين سان تعاون تي ٻڌل سدا بهار حصيداري جي لاءِ ڪم جاري رکندو. وزيراعظم ترڪ صدر ??جب طيب ار??وا?? جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو تاريخي ٻطرفن لاڳاپن کي ڀائيچاري ۽ تعاون جي بي مثال سطح تائين وڌائڻ جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ ??حم?? بن راشد المڪتوم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ ??حم?? سميت گڏيل عرب امارات جي قيادت جا پڻ انهن جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي ٿورا م??يا. هن مبارڪباد جي خط جي لاءِ يو اي اي جي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين شيخ منصور بن زيد النهيان جا پڻ ٿورا م??يا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي ۽ دورانديش قيادت سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون، گڏيل اعتماد، گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن جا ٿنڀ آهن.