اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خيبرپختونخواهه جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي فيصل ڪريم ڪنڊي کي م??ارڪباد ڏني. فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جي گورنر جي عهدي جي لاءِ اعتماد ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي صدر آصف علي ??رداري خيبرپختونخواهه جي گورنر کي عوامي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر آصف علي ??رداري فيصل ڪريم ڪنڊي جي لاءِ پنهنجا فرض بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.