لاهور – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف قصور ۾ لڪي مروت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ??يپ??ن محمد ??را?? الياس جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ??يپ??ن محمد ??را?? الياس جي ميت کي ڪلهو پڻ ڏنو. جنازي نماز ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انسپيڪٽر جنرل پنجاب سميت ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم بعد ۾ ??يپ??ن ??را?? الياس شهيد جي پونئيرن تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف شهيد جي ڳوٺ کي ماڊل وليج بڻائڻ جو اعلان ڪندي ڳوٺ کي ??را?? الياس شهيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فرزندن تي فخر آهي، بزدل دهشتگرد امن قائم ڪرڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن ڪنهن کي اهو عظيم مقام بخشي ٿو، قرآن مجيد ۾ فرم??ن آهي ته شهيد کي مرده نه چئو، اهي زندهه آهن، شهيد ??يپ??ن ??را?? الياس پنهنجي خاندان جي مغفرت جو سبب بڻجندا. هن چيو ته پاڪ فوج جي هزارين جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا، آئون يقين ڏياريان ٿو ته شهيد جي عظيم قرباني رائيگان نه ويندي، شهيد جو رت ضرور رنگ لائيندو. محمد شهباز ش??يف چيو ته ملڪ جي خاطر جان ڏيندڙن جي قرانين کي وساري نه ٿو سگهجي، پاڪ زمين تان دهشتگردن کي ختم ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. بعد ۾ لڪي مروت حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ??يپ??ن محمد ??را?? الياس جي مڪمل فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي. وزيراعظم شهيد جي قبر تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي، قبر تي گل چاڙهيا ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. قصور جي ڳوٺ راءِ ڪلان سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي شهيد ??يپ??ن محمد ??را?? الياس لڪي مروت ويجهو فرضن جي ادائيگي دور??ن آءِ اي ڊي حملي ۾ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي.