دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم تاجڪ صدر کي پاڪستان ?? مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي عوام جي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ ??ي دعوت ڏني آهي. تاجڪستان جي ٻن ڏينهن ??ي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪ صدر عزت امام علي رحمان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. تاجڪ صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. تاجڪ صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ?? مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته پاڪستان ۾ توانائي، معدنيات، صن??ت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي لامحدود صلاحيت موجود آهي. هن تاجڪ صدر کي پاڪستان ?? مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ پاڪستاني ۽ تاجڪ عوام جي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ ??ي دعوت ڏني.