اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي قومي اسيمبلي ميمب??ن کي پي ٽي آءِ جو ا??م اين اي ڊڪليئر ڪرڻ جي ??رخواست نه ڏني، ان پارٽي ۾ شموليت به اختيار نه ڪئي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود هجي، انٽرا پارٽي اليڪشن ٺيڪ نه ڪرايون، پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊ??ڪلريشن به جمع نه ڪرائي ۽ الزام اليڪشن ڪميشن تي هڻي رهيا آهن، انهن لاءِ رڳو ا??ي معصوم آهن ۽ باقي سڀ قصوار آهن. پي ٽي آءِ جي ??ليڪشن ڪميشن تي الزامن تي ردعمل جو اظهار ڪندي سماجي ??ابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انٽرا پارٽي چونڊُون توهان ٺيڪ نه ڪرايون، پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊ??ڪلريشن توهان جمع نه ڪرائي، اها سياسي پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود هجي، اها توهان جوائن نه ڪئي، ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ??يم اين اي طور تي ڊڪليئر ڪرڻ جي ??رخواست توهان نه ڏني ۽ قصوروار اليڪشن ڪميشن کي چئي رهيا آهيو، رڳو توهان معصوم ۽ باقي سڀ قصوروار آهن.