اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاق?? وزير ڄام ڪمال خ??ن ??يو آهي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص ک?? آئيني حدن ۾ رهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، بنا ڪنهن جواز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دنيا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار گهٻرائيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ ويڊيو بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته مسئلا سڄي دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيندا آهن، جڏهن ته انهن جو حل ڪڍيو ويندو آهي. سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو آهي پر پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آهي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت ڄاڻي تي ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن ۾ سڀ کان مٿي بجل?? جي قيمتن جو مسئلو آهي ۽ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ٿورو وقت ل??ندو. توانائ?? جي حوالي سان سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته مهانگائ?? جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان جي حوالي سان وفاق?? وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان ۽ ات?? جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. هن چيو ته بلوچستان جي سرحد ٻن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ سوال آهي ته پاڪستان اڄ انهن حالتن تائين ڪيئن پهتو آهي جڏهن ته ان مسئلي تي سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.