اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??اد?? چيو آهي ته پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ??رڻ جو خواهشمند آهي. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو آهي، س??ور?? ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي مملڪتي وزير تو??يڪ?? آبي س??ن ملاقات ۾ ڪيو، ??ن موقعي تي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري موسمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اياز ??اد?? چيو ته پاڪستان جا جاپان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. پاڪستان جاپان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ??رڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو آهي، س??ور?? ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اياز ??اد?? تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اياز ??اد?? جي جاپان لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.