اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ آم??يڪ?? جي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آم??يڪ?? سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسرچ اينڊ انڊوومينٽ فنڊ ۾ زرعي يونيورسٽي لاءِ آم??يڪ?? جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آم??يڪ?? سان زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ضرورت آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي نئين زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ سماجي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يونيسيف سان گڏجي غذائي کوٽ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون وڌايو ويندو، آم??يڪ?? زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندو.