اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ميجر طفيل مح??د (نشان حيدر) کي سندس 66هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر طفيل مح??د شهيد جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميجر طفيل مح??د شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪ??دي ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر طفيل مح??د شهيد (نشان حيدر) پنهنجي زخمن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنج?? مشن کي پورو ڪيو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خا?? ۾ ملائي ڇڏيو. ميجر طفيل مح??د شهيد (نشان حيدر) جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. پاڪستاني قوم هٿياربند فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.