اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري تيراه وادي جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان ??ار?? بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر مملڪت مادر وطن لاءِ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيدن کي سلام ۽ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت فتنو ڦهلائيندڙن خل??ف ڪارروائيون ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر مملڪت دهشتگردي خل??ف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خل??ف ڪارروائيون ??ار?? رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري شهيدن جي ??لن?? درجن ۽ ڪٽنب ڀاتين لاءِ صبر جي دعا گهري.