اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي ??زير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڻ سڳورا ??لي الله عليه وآله وسلم انسانيت جا محسن آهن، اسوة حسنه ??لي الله عليه وآله وسلم سڀني لاءِ مڪمل ضابطه حيات آهي. رسول اڪرم ??لي الله عليه وآله وسلم سان محبت اسان جي عبادتن جي روح ۽ زندگيءَ جو حقيق?? تعارف آهي. 12 ربيع الاول جي موقعي تي وفاقي ??زر قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سموري مسلم اُمت کي خدا جي محبوب جي ولادت واري ڏهاڙي تي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، اڄ جو ڏينهن حقيقي خوشيءَ جو ڏينهن آهي، خدا جي محبوب جو اچڻ هر مسلمان لاءِ عزت ۽ مسرت آهي. حضور اڪرم ??لي الله عليه وآله وسلم انسانيت جا محسن آهن، سندن اسوة حسنه سڀني لاءِ مڪمل ضابطه حيات آهي. عبدالعليم خان چيو ته رسول اڪرم ??لي الله عليه وآله وسلم سبب ئي ڪائنات جي تخليق آهي، جيڪو ٻنهي جهانن لاءِ رحمت بڻجي آيا. رسول اڪرم ??لي الله عليه وآله وسلم خاتم النبيين آهن، انهن سان محبت اسان جي ايمان جو بنياد آهي، اسان جي پياري نبي ??لي الله عليه وآله وسلم 1400 سال اڳ اهڙو ضابطه حيات پيش ڪيو جنهن جو ڪو متبادل نٿو ٿي سگهي. اسان سڀني کي 12 ربيع الاول جي گڏيل اتحاد، محبت ۽ اطاعت رسول جو عهد ڪرڻ گهرجي.