اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??اقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي منطقي انجام تائي?? پهچايو ويندو، پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصا?? پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفارتخاني ويو ۽ هن پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيني سفير سان ڪراچي ۾ چيني قافلي تي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي شديد ڏک جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي ذميوار ماڻهن جي جلد کان جلد سڃاڻپ جي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي ڪيفر ڪردار تائي?? پهچايو ويندو. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصا?? پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، ان واقعي جي جاچ جي آئون ذاتي طور تي پاڻ نگراني ڪندس، غيرملڪين جي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مض??وط ڪيو ويندو. چيني سفير ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ پاڪستان حڪومت پاران فوري ردعمل ۽ جاچ شروع ڪرڻ تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا. هن معاملي جي موثر جاچ، ذميوار دهشتگردن جي فوري سڃاڻپ ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائي?? پهچائڻ ۾ پاڪستان حڪومت تي اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ??اقعي جي ذميوار ماڻهن کي جلد کان جلد قرار واقعي سزا ڏني ويندي. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.