ا??لا?? آباد – 10 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 2 ڏينهن جي دوري تي ترڪمانستان روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اشڪ آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ”وقت ۽ تهذيبن جا گڏيل لاڳاپا – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موضوع تي عالمي فورم ۾ شرڪت ڪندو. فورم جو انعقاد عظيم ترڪمان مفڪر، ??اع?? ۽ فلسفي مخدوم گلي فراگي جي 300هين سالگرهه جي مناسبت سان ڪيو پيو وڃي. صدر دوري دوران فورم جي سائيڊ لائينز تي ترڪمانستان جي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو.