اسلام آباد – 23 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس يحييٰ آ??ريدي جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس طو?? مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري جسٽس يحييٰ آ??ريدي جي مقرري جي منظوري 26 آڪٽوبر کان 3 سالن جي لاءِ ڏني آهي. صد?? مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي (3)، 177 ۽ 179 تحت ڏني. هن جسٽس يحييٰ آ??ريدي کان 26 آڪٽوبر تي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف وٺڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي.