اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي 79هين سالگرهه جو ??ين??ن اسان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو ف??اهم ڪري ٿو، گڏيل قومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ گڏيل قومن جي 79هين سالگرهه جو ??ين??ن اسان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو ف??اهم ڪري ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جا منفي اثر، جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ گلوبل سائوٿ جي گهري ٿيندڙ اقتصادي مشڪلاتون عالمي ن??ام جي وڏي چئلينجن جي ن??اندهي ڪن ٿيون، گڏيل قومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي خودمختياري جي حق جي قراردادن جي باوجود ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار اڃا به حل طلب آهن. جيستائين گڏيل قومن جي بنيادي دستاويز جي شقن کي ن??رانداز ڪيو ويندو، بحران وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا. هن چيو ته هو گڏيل قومن جي هن ??ين??ن تي گهڻ رخي ن??ام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان هن دنيا کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين جتي سمورن ماڻهن جي حقن خاص طور تي جائز ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي انهن جا حق ڏياري سگهجن.