اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻط??في واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آه??، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته قطر جي قومي ڏينهن جي ??قر??ب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آه??، قومي ڏينهن تي حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر دوستي جي رشتي ۾ ٻڌل آه??، شيخ تميم بن حمد الثاني جي دورانديش قيادت ۾ قطر نمايان ترقي ڪئي، قطر ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ ج?? ڪامياب انعقاد ان جو بهترين مثال آه??. هن چيو ته قطر جي تازي دوري دوران دوحه ۾ نمائش جو افتتاح ڪيو، نمائش جي سرپرستي جي لاءِ پنهنجي ڀيڻ شيخه المياسه جي ڪوششن ۽ قطر جي امير جو ٿورائتو آه??ان، نمائش ۾ پاڪستان جي ثقافت جا رنگ نمايان هئا. هن چيو ته قطر جو امير پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو، قطر جي امير جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آه??ون. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان جا اقتصادي لاڳاپا هر گذرن??ڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آه??، پاڪستان قطر ٻط??في واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آه??، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. هن چيو ته پاڪستانين جو قطر ۾ آءِ ٽي، تعميرات ۽ فارماسيوٽيڪل سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار آه??. هن چيو ته لبناني وزيراعظم کي شام مان پاڪستانين جي انخلا جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي آه??، پاڪستانين جي شام مان حفاظت سان انخلا يقيني بڻائينداسين. ان موقعي تي قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.