اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ميڊيا تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل تاريخي بيانيي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بهتر حصيداري تي ڌيان ڏنو جيڪا افهام ۽ تفهيم کي سگهه ڏي ٿي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پراڻا سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي گڏيل تاريخ آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ريڊيو پاڪستان سميت رياستي ميڊيا ادارن جي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب ادارن سان گڏيل پروڊڪشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ حصيداري تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صحافين جي مٽاسٽا جو پ??وگ??ام پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ميڊيا پرسنز کي مختلف معاملن تي هڪ ٻئ?? جي موقف ۽ بيانيي بابت بهتر طور تي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي حوصلا افزائ?? جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. هن ٻنهي ??لڪ?? جي عوام کي ڀاءُ قرار ڏيندي چيو ته گڏيل تعاون جي پ??وگ??امن جي ذريعي انهن جو رابطو ٻنهي ??لڪ?? کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. ٻنهي ڌرين بنگلاديشي ڪيبل نيٽ ورڪس تي پاڪستاني خبرن ۽ تفريحي چينلز جي دستيابي کي وڌائڻ ۽ فلم فيسٽيول ۽ فوٽوگرافي جون نمائشون م??عقد ڪرڻ تي پڻ خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي.