اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ فوجي عدالت?? ۾ ??هرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تا??ين ملتوي ڪندي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل کي فوجي عدالتن جي حوالي سان انٽرنيشنل پريڪٽسز بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪالهه فوجي عدالت?? ۾ ??هرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪئي. بين?? ۾ ??سٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمدعلي مظهر ۽ جسٽس شاهد حسن ??لا?? شامل آهن. ٻُڌڻيءَ جي شروعات تي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل فوجي عدالت ۾ شهرين جي ڪيسن جي ٻُڌڻي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻُڌايو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته موجوده ڪيس ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه جا ملزم فوجي ناهن، کين شهري چئي سگهجي ٿو، ڇا انهن تي آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جو آ??ين معطل ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته قانونسازيءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارليامينٽ سپريم آهي پر بالادستي آ??ين جي آهي. عدالت درخواست جي ٻُڌڻي صبح 9 جنوري تا??ين ملتوي ڪندي وڪيل کي چيو ته هو عدالت کي فوجي عدالت بابت انٽرنيشنل پريڪٽسز تي بريفنگ ڏي.