اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برٽش جونيئر اوپن اسڪوائش چيمپيئن شپ کٽڻ تي سهيل عدنان کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته پوري قوم کي توهان تي فخر آه??. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سهيل عدنان 18 سالن کانپوءِ اسڪوائش جي اه?? چيمپيئن شپ پاڪستان جي نالي ڪئي ۽ ملڪ جو نالو پوري دن??ا ۾ روشن ڪيو، سهيل عدنان جي فتح ??سڪوائش جي ميدان ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابين جي ياد تازي ڪري ڇڏي، سهيل عدنان قوم کي خوشي جو هڪ موقعو فراهم ڪيو آه??. هن چيو ته پوري قوم کي توهان تي فخر آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف سهيل عدنان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ا??ها?? ڪيو.