خيبر – 13 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان احساس نشونما پروگرام جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پهرين مرحلي ۾ 9 ضلعن ۾ 33 احساس نشونما مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، پروگرام تحت ٽه ماهي بنيادن تي ٻارڙين کي 2 هزار رپيا جڏهن ته ٻارن کي 1500 رپيا وظيفو ڏنو ويندو. وز??راعظم عمران خان خيبر ضلعي ۾ قائم نشونما مرڪز جو دورو ڪيو جتي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وز??راعظم کي پروگرام بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر شا??ه فرمان، وڏو وز??ر محمود خان، مذهبي معاملن وارو وفاقي وز??ر پير نورالحق قادري ۽ چونڊيل نمائندا پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وز??راعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن. اسٽنٽنگ (اڻ مڪمل نشونما) جي شرح جي لحاظ کان پاڪستان خطي ۾ ٻئي نمبر تي آهي. احساس نشونما پروگرام ملڪي تاريخ ۾ اسٽنٽنگ جي سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ جو پهريون ح??ومتي پروگرام آهي. ان 3 سالن واري نشونما پروگرام جي بجيٽ 8 ارب 52 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي. مستحقين کي صحت بخش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما پروگرام مان وظيفو پڻ ڏنو ويندو. ٻارڙين جي لاءِ 2 هزار جڏهن ته ٻارن جي لاءِ 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو هوندو. مستحقين کي صحت بخش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما وظيفو پڻ ڏنو ويندو. انهن ضلعن ۾ خيبر، اپر دير، باغ، غدر، خارمنگ، خاران، بدين ۽ راجن پور شامل آهن. ملڪ ۾ 33 احساس نشونما مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. وز??راعظم مرڪز جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي آيل عورتن ۽ ٻارن سان به مليو.