اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن س??ن سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ويب ??ائ??ٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل م??ڻه?? کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.