اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپ??يش?? سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 625 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 15 مريض اسپتالن ۾ ان وائ??س سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوو?? – 19 جا 31 هزار 697 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 689، پنجاب ۾ 11 هزار 722، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 765، اسلام آباد ۾ 2 هزار 228، بلوچستان ۾ هڪ هزار 93، گلگت بلتستان ۾ 601، آ??اد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪوو?? – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 98 هزار 55 ٿي چڪو آهي، آ??اد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوو?? – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 877 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائ??س سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 13 هزار 431 آهي.