اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مڇ جو دل ??کوئيندڙ واقعو انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي، ٻاهريون دشمن پاڪستان کي عدم استحڪام پهچائڻ چاهي ٿو ۽ مسلسل حملا ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها به آهي ته اهڙين حالتن ۾ ٻئي طرف عوام جا رد ڪيل سياسي عنصر شعوري يا غيرشعوري طور ت?? انهن ٻاهرئين حملي آورن جو هٿيار بڻجي ملڪ ??ي اندر افراتفري ۽ انتشار پکيڙي رهيا آهن.