اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي ج?? نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي ج?? ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر ج??يل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪريٽري ج??رل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪريٽري محسن بلال، فنانس سيڪريٽري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري ج?? اعتماد جو ثبوت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ?? جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ?? جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري ج?? فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.