اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آهي، ا??و هڪ زبردست قدم آهي، ا?? پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته اهو ??لاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نش??ر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نش??ر وزيراعظم کي ون ونڊو سين??ر ۽ احساس ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو ??روگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.